نوابشاهه ۾ سهائتا نه ٿيڻ خلاف پورهيتن جو احتجاج

news

نوابشاهه: نوابشاهه ۾ ڪورونا جي موذي مرض جي ڦهلاءُ کان بچاءُ لاءِ سنڌ حڪومت پاران اعلانيل لاڪ ڊائون کي 20هون ڏينهن آهي پر هر ايندڙ لمحون نوابشاهه جي مختلف پاڙن علائقن ۽ وسندين ۾ رهندڙ خاص طور تي غريب، پورهيت ۽ مزدور طبقي لاءِ زندگي ۽ موت جي ڪشمڪش واري صورتحال آڻي رهيو آهي ڇاڪاڻ ته هڪ طرف لاڪ ڊائون سبب روزي رزق جا سمورا وسيلا مڪمل طور تي بند آهن غريب ۽ پورهيت ماڻهو پنهنجي پنهنجي گهرن تائين محدود آهن.

نوابشاهه پريس ڪلب جي ٻاهران پنهنجي پنهنجي علائقن ۾ احتجاجي مظاهرا ڪرڻ جو سلسلو جاري آهي تاج ڪالوني جي وارڊ نمبر 23، 24، 25 ۽ 26 جي مزدرون پاران آصف سولنگي، رياض رستماڻي، اسماعيل ڀٽي، علي حيدر زرداري، ذوالفقار سولنگي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ تاج ڪالوني جي بسم الله مسجد وٽ پنهنجي معصوم بکايل ٻارڙن سان گڏ احتجاج ڪندي چيو ته اسان جي وارڊن جا ڪائونسلر رات جي انڌيري ۾ من پسند ۽ پنهنجي مائٽن کي راشن ڏين ٿا جڏهن ته اسان مزدور 20 ڏينهن کان مزدوري نه ملڻ ڪري گهرن ۾ بکون ڪاٽي رهيا آهيون پر اسان کان ڪير به پڇڻ وارو ناهي.

هنن چيو ته اسان گهرن ۾ ٻارن جي بک ڏسي مزدوري لاءِ ٻاهر نڪرون ٿا پوليس لٺيون هڻي ڊوڙائي ٿي ۽ گهرن ۾ ويهون ٿا ته بک ويهڻ نٿي ڏئي.

نوابشاهه جا مزدور ۽ پورهيت محمد خان جمالي، محراب بهراڻي، علي گل مگسي، واهب چانڊيو، پير بخش ڀٽي، عمران ڏاهري ۽ ٻيا ٽئين ڏينهن به پريس ڪلب نوابشاهه ٻاهران پنهنجي هٿن ۾ ٽريڪم، تنگاريون، هٿوڙا ۽ ٻيا اوزار کڻي علامتي بُک هڙتال ڪن ٿا مزدور اتحاد نوابشاهه پاران تنظيم جي صدر ساگر حنيف لاکو، نائب صدر ڪامريڊ وزير علي رند، اعجاز شيخ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مزدور اتحاد جي آفيس ٻاهران پورهيتن ۽ مزدورن هٿن ۾ مزوري جا اوزار کڻي احتجاج ڪيو.