نوابشاهه ۾ احساس ڪفالت پروگرام سبب عورتن جي پيهه، ڪورونا ڦهلجڻ جو خطرو وڌي ويو

news

نوابشاهه: سنڌ حڪومت پاران ڪورونا وائرس کان بچاءَ ۽ سماجي وٿي رکڻ لاءِ لڳايل 20 هين ڏينهن واري لاڪ ڊائون کي احساس ڪفالت پروگرام هوا ۾ اڏائي ڇڏيو، گورنمنٽ سچل ڪاليج، ميونسپل هاءِ اسڪول نوابشاهه ۽ حبيب بينڪ جي مختلف ايم ٽي ايم تي عورتن جي رش هجڻ جي ڪري ڪورونا وائرس جي ڦهلجڻ جو خدشو وڌي ويو آهي.

هوڏانهن باشعو ڌرين وزير اعليٰ سنڌ کي اپيل ڪئي آهي ته احساس ڪفاليت پروگرام ۾ عورتن جي رش کي ختم ڪرائي ته جئين ڪورونا وائرس کي وڌيڪ ڦهلجڻ کان روڪي سگهجي.