ڀارتي فوج جي ايل او سي ۽ ورڪنگ بائونڊري تي هڪ دفعو ٻيهر فائرنگ، ٻه شهري زخمي

news

راولپنڊي: ڀارتي فوج هڪ دفعو ٻيهر لائن آف ڪنٽرول ۽ ورڪنگ بائونڊريءَ تي چڙ ڏياريندڙ فائرنگ جو سلسلو شروع ڪيو آهي جنهنجي نتيجي ۾ 2 شهري زخمي ٿي پيا.

پاڪ فوج جي عام لاڳاپن واري شعبي آءِ ايس پي آر طرفان پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته گذريل رات سيز فائر سميت ايل او سي ۽ ورڪنگ بائونڊري جي خلاف ورزي ڪندي شهرين کي فائرنگ جو نشانو بڻايو، فائرنگ سان 2 شهري هڪ 35 سالن جو ۽ ٻيو 57 سالن جو شديد زخمي ٿي پيا.

آءِ ايس پي آر موجب ڀارتي فوج پاران چري ڪوٽ ۽ شڪر ڳڙهه سيڪٽر جي خلاف ورزي ڪئي وئي، زخمين جي طبي امداد جاري آهي.

ياد رهي ته ڀارتي فورسز گذريل ڏينهن به ايل او سي جي شارده، ددنيال ۽ شاهه ڪوٽ سيڪٽر ۾ مارٽر گولا فائر ڪيا هئا ۽ ڀارتي فوج ڄاڻي واڻي شهري آبادي کي نشانو بڻايو.