سکر نيب پاران گهوٽڪي خوراڪ کاتي جي ڊي ايف سي ۽ ڏهرڪي فلور مل جا مالڪ طلب

news

سکر: سکر نيب گهوٽڪي خوراڪ کاتي جي ڊي ايف سي ۽ ڏهرڪي فلور مل جي مالڪن کي طلب ڪري ورتو.

نيب جي ڊپٽي ڊئريڪٽر ڪو آرڊينيشن بقا محمد ليٽر نمبر 1490 جاري ڪندي گهوٽڪي خوراڪ کاتي جي اڳوڻي ڊي ايف سي راهول ڪمار ۽ ڏهرڪي فلور جي وڪيش ڪمار کي 16 ڪروڙ رپين جي ڪڻڪ اوڌر تي ڏيڻ واري جاچ جي لاء  نيب بيورو جي جاچ شعبي جي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر رضوان عالم آڏو 15 اپريل تي طلب ڪيو آھي.

معلوم ٿيو آھي ته فلور مل لاء اوڌر تي ڪڻڪ وٺي  رقم ادا نه ڪئي وئي هئي.