سعودي عرب ۾ تراويح جي نماز پڙهڻ تي پابندي جو اعلان

news

رياض: (سومر 13 اپريل 2020ع) ڪورونا وائرس سبب سعودي عرب جي مسجدن ۾ تراويح جي نماز پڙهڻ تي پابندي جو اعلان ڪري  ڇڏيو آهي.

سعودي عرب جي مذهبي معاملن واري وزارت  اعلان ڪيو آهي ته ڪورونا وائرس سبب هن سال رمضان المبارڪ جي دوران سعودي عرب جي مسجدن ۾ تراويح جي نماز جي ادائگي جي اجازت نه ڏني ويندي. 

رپورٽ موجب سعودي جي ماڻهن کي  تراويح جي نماز گهرن ۾ ادا ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي.