ڪورونا وائرس: ٽرين سروس رمضان تائين معطل رکڻ جو فيصلو

news

لاهور: (سومر 13 اپريل 2020ع)  ڪورونا وائرس جي پکيڙ جي امڪان کي نظر ۾ رکندي ٽرين سروس رمضان تائين معطل رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

ذريعن موجب قومي ڪوآرڊينيشن ۽ آپريشن سينٽر جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ ريلوي واري وزير شيخ رشيد ۽ چيف سيڪريٽري شرڪت ڪئي. ذريعن جو چوڻ آهي ته اجلاس ۾ سڄي ملڪ ۾ ٽرين سروس رمضان تائين معطل رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

ذريعن ٻڌايو آهي ته ٽرين سروس  بحال ڪرڻ جو فيصلو رمضان کان اڳ ڪيو ويندو. ذريعن موجب ريلوي جي بندش سبب روزاني 20 ڪروڙ روپين جو نقصان برداشت ڪرڻو پئجي رهيو آهي.

ياد رهي ته سڄي ملڪ ۾ جاري لاڪ ڊائون سبب 14 اپريل تائين ٽرين سروس معطل رهندي. ريلوي وارو وزير شيخ رشيد  اڳ ئي چئي چڪو آهي ته جيڪڏهن لاڪ ڊائون ختم ٿيو ته 14 اپريل کان 22 ٽرينون هلايون وينديون.