دل جي تڪليف سبب فوتي محمد اسماعيل کي ڪورونا جي طريقيڪار تحت دفنايو ويو

news

ٽنڊو محمد خان(رپورٽ: ذوالفقار چانڊيو) ٽنڊو محمد خان جي نصيرآباد پاڙي جو رهواسي 75 سالا محمد اسماعيل ميمڻ دل جي تڪليف جي ڪري ٽنڊو محمد خان مان حيدرآباد اسپتال ۾ داخل ٿيڻ کانپوءِ فوت ٿي ويو.

 سندس لاش حيدرآباد کان ٽنڊو محمد خان جي نصيرآباد پاڙي ۾ پهچايو ويو، فوت ٿي ويل پيرسن ٽنڊو محمد خان ۾ ڪرونا وائرس ۾ مبتلا مريضن جو ويجهو عزيز هو جنهن جي ڪري صحت کاتي طرفان سندس ڪرونا وائرس مرض ۾ مبتلا هجڻ جي ڪيل ٽيسٽ نه ٿيڻ باوجود کيس ڪرونا وائرس جي مريض جي طريقيڪار تحت سندس ابائي قبرستان ۾ تدفين ڪئي ويئي.