ٽنڊو محمد خان ۾ احساس سينٽر تي پئسا ڏيڻ جو عمل جاري، وڏي پيهه، عورتن ۽ پوليس ۾ ڏند چڪ

news

ٽنڊومحمد خان(رپورٽ ذوالفقار چانڊيو) ٽنڊو محمد خان ۾ احساس ڪفالت پروگرام تحت سينٽر تي مستحقين سوين عورتن ۽ پوليس ۾ ڏند چڪ.

 وفاقي حڪومت پاران احساس ڪفالت پروگرام تحت جاري ڪيل ٻارنھن ھزارن روپين جي آيل پئسن جي قسط تي ضلعي جي ھزارين مستحق عورتن جي رش هئي، ڪوب نظم ضبط نه ھيو.

 ٻي طرف احساس ڪفالت پرو گرام تحت پئسا وٺڻ آيل عورتن جو چوڻ ھو ته شھر اندر ڪرونا وائرس جا ڪيترائي ڪيس ظاھر ٿيل آھن ھتي انتظاميا عورت پوليس پاران صرف ڌڪا ۽ لٺيون هيون وڃن ٿيون جڏھن ته نٽھڻ اس ۾ اسان بيٺيون آھيون جو ڪوبه نظم ضبط نه آھي نه وري ضلعي انتظاميا پاران سھولت مليل آھي، ھنن چيو سڄي دنيا ۾ ڪرونا جي وبا خطرناڪ حد تائين ڇانيل آھي پر اسانجي انتظاميا عمل نه ڪري رھي آھي جنھن ڪري ڪو وڏو نقصان ٿي سگھي ٿو.