ٽنڊوڄام ۾ راشن سياسي بنيادن تي ورهائڻ جا الزام، شهرين واپس ڪري ڏنو

news

ٽنڊوڄام (رپورٽ مستنصر علي جمالي) ٽنڊوڄام ۾ امدادي راشن ورهائڻ جو سلسلو شروع، شهرين پاران من پسند ماڻهن کي راشن ورهائڻ جا الزام. 

ميونسپل ڪميٽي ٽنڊوڄام جي ڪائونسلرن معرفت ٽنڊوڄام شهر جي مختلف وارڊن ۾ امدادي راشن ورهايو ويو جڏهن ته امدادي راشن ورهائڻ دوران علائقي واسين پاران من پسند ماڻهن کي سياسي بنيادن تي راشن ورهائڻ جا الزام مڙهيندي ايم ڪيو ايم جي ڪائونسلر شير محمد کي علائقي واسين گهيري هيٺ آڻي وڌو ۽ سخت جملن جي ڏي وٺ ۽ ڏند چڪ ٿيڻ بعد پورهيتن راشن جا ٿيلها ڪائونسلر کي واپس ڏيئي علائقي مان ڪڍي ڇڏيو. 

جڏهن ته ٻين وارڊن ۾ پڻ شهرين پاران ڪائونسلرن تي من پسند ماڻهن کي راشن ورهائڻ جا الزام لڳايا ويا.

 وارڊ نمبر ٻه جي متاثرن پاران من پسند ماڻهن ۾ راشن جي ورهاست تان ڪائونسلر خلاف احتجاج پڻ ڪيو ويو. 

ٻئي پاسي رابطو ڪرڻ تي ڪائونسلر وجاهت علي چنا، توفيق راجپوت، محمود سراز ۽ ٻين چيو آهي ته اسسٽنٽ ڪمشنر پاران تمام گهٽ راشن ڏنو ويو آهي. جنهن ڪري علائقي جا ڪيترائي مستحق راشن کان رهجي ويا آهن، هنن اعلي' اختيارين کان لسٽ مطابق راشن جي مقدار فراهم ڪرڻ جي گهر ڪئي.