ڀريا واسي جوڙي پاران تحفظ جي اپيل

news

ٽنڊو محمد خان: نوشهروفيروز جي ڀريا جي رهواسي زال مڙس نوجوان ناري مقدس سهتو سندس ور محمد ادريس سهتو قاتلانا حملن ۾ ملوث جوابدارن جي گرفتاري جو مطالبو ڪري حياتين کي تحفظ فراهم ڪرڻ جي اعليٰ اختيارين کان مدد طلب ڪري ورتي آهي.

ٽنڊو محمد خان ۾ نوشهروفيروز جي ڀريا جي رهواسي زال مڙس نوجوان ناري مقدس سهتو سندس ور محمد ادريس سهتو پريس ڪلب آڏو زال مڙس احتجاج ڪندي پنهنجي حياتين بچائڻ جو مطالبو ڪيو ۽ ٻڌايو ته اسان پنهنجي علائقي نوشهروفيروز ڀريا جي ڳوٺ مولهڻ جي اندر هٿياربندن جي ڪيل قاتلانا حملي کانپوءِ ڪراچي ۾ اچي پنهنجي حياتين بچائڻ لاءِ پناھ ورتي هئي جنهن جي اطلاع ملڻ تي اسان تي اوچتو هٿياربندن حملو ڪري اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.

اسان کي اغوا ڪرڻ لاءِ زبردستي سندن گاڏين ۾ کڻي وڃڻ چاهيو پئي جنهن ۾ علائقي جي رهواسين اسان کي هٿياربندن جي اغوا ٿيڻ کان بچائي واقعي واري هنڌان ڪڍي ورتو، جنهن جي بعد اسان ڪراچي کانپوءِ ٻين علائقن ۾ پناھ وٺڻ تي مجبور ٿي ويا آهيون، اسان کي هاڻي ڪنهن به هڪ هنڌ رهڻ مشڪل ٿي ويو آهي.

ڪورونا وائرس جي لاڪ ڊائون سان اسان جي زندگي وڌيڪ متاثر ٿي ويئي آهي، مائٽن اسان کي ساٿ ڏيڻ کان به انڪار ڪري ڇڏيو آهي ۽ مقدس جا مائٽ خانداني دشمنيون ڪري رهيا آهن جنهن جي ڪري هُو صرف ٻيهر قاتلانا حملو ڪرائي قتل ڪرائي سگهن ٿا، جنهن جي ڪري اسان اعليٰ اختيارين کي اپيل ڪريون ٿا ته اسان کي حياتين جو تحفظ فراهم ڪري حملن ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪيو وڃي.