حيدرآباد ميرپور خاص روڊ تي تيز رفتار ٽرڪ جي ٽڪر ۾ واٽهڙو نوجوان چيڀاٽجي فوت

news

ٽنڊوڄام: حيدرآباد ميرپور خاص روڊ تي تيز رفتار ٽرڪ جي ٽڪر ۾ واٽهڙو نوجوان چيڀاٽجي فوت. گهر ۾ ڪهرام، ٽرڪ ڊرائيور گرفتار. 

خبر موجب ٽنڊوڄام ويجهو حيدرآباد ميرپور خاص روڊ تي ڏيٿا ٽول ناڪي وٽ تيز رفتار ٽرڪ واٽهڙو نوجوان کي چيڀاٽي ڇڏيو، جيڪو موقعي تي ئي فوت ٿي ويو. 

فوتي نوجوان جي سڃاڻپ ڳوٺ صاحب خان مرڙاڻي جي رهواسي 22 سالن جي نوجوان مختيار علي ولد محمد عمر ٻٻر طور ٿي آهي. 

راهوڪي ٿاڻي جي پوليس پهچي فوتي نوجوان جو لاش کڻائي سول حيدرآباد پهچايو. جتي ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. 

فوتي نوجوان جو لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو. راهوڪي پوليس ٽرڪ ڊرائيور کي گرفتار ڪري ٽرڪ کي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آهي.