ٽنڊو محمد خان جي چئن شهرين جي ڪورونا رپورٽ منفي اچي وئي

news

ٽنڊو محمد خان ( رپورٽ: ذوالفقار چانڊيو ) ٽنڊو محمد خان جا ڪرونا مرض ۾ مبتلا 4 شهري هر هڪ روشن سومرو، حماد ميمڻ، حسين احمد ميمڻ ۽ محمد عثمان زئور ڪرونا وائرس کي شڪست ڏيئي پنھنجي پنھنجي گھرن ڏانھن روانا.

 لمس حيدرآباد جي آئسوليشن وارڊ ۾ داخل 4 شهرين جي رپورٽ نيگيٽو اچڻ کانپوءِ صحت کاتي ٽنڊو محمد خان جي ٽيم ايمبولينس ذريعي حيدرآباد مان ٽنڊو محمد خان کڻي اچي پنهنجي گهرن تائين پهچايو ۽ کين سختي سان 15ڏينهن تائين پنهنجي گهرن ۾ آئسوليشن ۾ رهڻ جي هدايت ڪئي آهي .