نوابشاهه ۾ مسجد اندر وڏي تعداد ۾ ماڻهو جمع ٿيڻ تي پوليس پهچي وئي، چڪريون، شيلنگ

news

نوابشاهه: سنڌ حڪومت طرفان ڪورونا وائرس جي بچاءُ لاءِ لڳايل لاڪ ڊائون ۾ مسجد اندر باجماعت نماز پڙهڻ تي پابندي واري حڪم کي منوآباد جي علائقي واقعي مدينه مسجد جي عوام طرفان نه مڃيندي مسجد اندر باجماعت نماز پڙهي پئي وئي ته حد جي پوليس مسجد ۾ پڙهندڙ نمازين کي گڏجي نماز پڙهڻ کان منع ڪئي، جنهن تي نمازي مڇرجي پيا ۽ پوليس سان وڙهڻ شروع ڪيو اطلاع تي پوليس جي ٻي نفري پهتي ته مظاهرين ۽ پوليس جي وچ ۾ پٿراءُ جو سلسلو شروع ٿي ويو.

پٿر لڳڻ سبب ايس ايڇ او ايئرپورٽ مقصود مڱڻهار ۽ ٻه پوليس اهلڪار ۽ هڪ شهري معمولي زخمي ٿي پيو، جڏهن ته پوليس ۽ مظاهرين ۾ ڇڪتاڻ کانپوءِ علائقي واسي سون جي تعداد ۾ گڏ ٿي ويا ۽ پوليس ڏي وڌڻ جي ڪوشش ڪئي ته پوليس ڳوڙها آڻيندڙ گيس شيلنگ جا فائر ڪري مظاهرين کي منتشر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي بعد ۾ علائقي جي نيڪ مردن ۽ مسجد ڪميٽي جي اڳواڻن ۽ پوليس آفيسرن پاڻ ۾ ڳالهيون ڪري مظاهرين کان احتجاج ختم ڪرايو.

هوڏانهن مظاهرين الزام هنيو ته پوليس اسان سان زيادتي ڪئي آهي، مسجد ۾ 10 کان 12 ماڻهو نماز ۾ شريڪ هئا.

هوڏانهن پوليس جو چوڻ هو ته مسجد ۾ وڏي تعداد ۾ ماڻهو گڏ هئا ۽ اسان کين روڪيو ته پنجن کان وڌيڪ ماڻهو نماز نٿا پڙهي سگهن جنهن تي نمازين اسان تي حملو ڪيو.