سجاول جوڻيجو ڀرسان ٻن موٽرسائيڪلن ۾ آمهون سامهون ٽڪر، ٻه ڄڻا فوت، نينگري سميت ٻه ڄڻا زخمي

news

لاڙڪاڻو: سجاول جوڻيجو ڀرسان ٻن موٽرسائيڪلن ۾ آمهون سامهون ٽڪر، ٻه ڄڻا فوت، نينگري سميت ٻه ڄڻا زخمي، فوتين جا لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو.

ان سلسلي ۾ ڪالهه سجاول جوڻيجو ڀرسان تيز رفتار ٻن موٽرسائيڪلن ۾ آمهون سامهون ٽڪر ٿي پيو نتيجي ۾ موٽرسائيڪل تي سوار ڪوٽ لال بخش واسي ڳوٺاڻو محبوب ديناري تڏي تي فوت ٿي ويو، جڏهن ته حادثي ۾ جيڪب آباد جي ڳوٺ سومرا مان واپس ميروخان ويجهو اباڻي ڳوٺ ڪرم گوپانگ ويندڙ ٻئي موٽرسائيڪل تي سوار 40 سالن جو خالد گوپانگ، سندس ڀاءُ 38 ورهين جو زاهد گوپانگ ۽ پنجن ورهين جي نينگري سخت زخمي ٿي پيا، لاش ۽ زخمين کي علائقي واسين لاڙڪاڻي جي چانڊڪا اسپتال جي حادثن واري شعبي ۾ منتقل ڪيو، جتي زخمن جا سور نه سهندي خالد گوپانگ به فوت ٿي ويو.

جڏهن ته زخمي نوجوان ۽ نينگري کي طبي امداد ڏني وئي، جن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي. ان موقعي تي فوتي خالد گوپانگ جي سئوٽ عبدالحميد گوپانگ ٻڌايو ته منهنجا سئوٽ خالد ۽ زاهد گوپانگ پنجن ورهين جي نينگري سان گڏجي جيڪب آباد جي سومرا ڳوٺ مان موٽرسائيڪل تي سوار ٿي پنهنجي اباڻي ڳوٺ ڪرم گوپانگ اچي رهيا هئا ته سجاول جوڻيجو ڀرسان ٻن موٽرسائيڪلن ۾ آمهون سامهون ٽڪر ٿي پيو، نتيجي ۾ سئوٽ خالد گوپانگ ۽ ٻئي موٽرسائيڪل تي سوار محبوب ديناري فوت ٿي ويا جڏهن ته حادثي ۾ سئوٽ زاهد گوپانگ ۽ پنجن ورهين جي نينگري زخمي ٿيا آهن.

هوڏانهن فوتين جا لاش ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيا ويا، جيڪي لاش کڻائي ڳوٺ روانا ٿي ويا، جتي لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو.