آءِ ايم ايف جي قرض جو ثمر، ڊالر گهٽ، روپئي جي قدر ۾ اصافو،

news

ڪراچي: انٽر بئنڪ ۾ ڊالر جو اگهه 3.38 روپين کان گهٽ ٿي 163.50 روپين جي سطح تي اچي ويو.

اسٽيٽ بئنڪ پاران گذريل ڏينهن وياج جي شرح ۾ 2 سيڪڙو گهٽتائي ۽ آءِ ايم ايف کان پاڪستان لاءِ 1 ارب 38 ڪروڙ 60 لک ڊالر قرض جي منظوري جو ثمر اچڻ شروع ٿي ويو آهي، جنهن کانپوءِ اڄ انٽر بئنڪ ۾ ڊالر جو اگهه 3.38 پيسا گهٽ ٿي 163.50 روپين جي سطح تي اچي ويو آهي.
ٻئي طرف اسٽيٽ بئنڪ پاران وياج جي شرح ۾ 2 سيڪڙو گهٽتائي ۽ آءِ ايم ايف پاران پاڪستان لاءِ 1 ارب 38 ڪروڙ 60 لک ڊالر قرض جي منظوري بعد اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ زبرست تيزي رهي جنهن سبب ٽريڊنگ معطل ڪرڻي پئي، 100 انڊيڪس ۾ 1544 پوائنٽس جو اضافو ٿيو جنهن جي نتيجي ۾ 32 هزار جي نفسياتي حد بحال ٿي وئي آهي.
ياد رهي ته 7 اپريل تي ڊالر 167.89 روپين جي بلند ترين سطح تائين پهچي ويو هو پر 7 اپريل کان هن وقت تائين ڊالر جو اگهه 4.39 روپيا گهٽ ٿي چڪو آهي.