سرجاني ٽائون ۾ بي دردي سان قتل ٿيل پورھيت جاويد ڀٽي جا قاتل گرفتار نه ٿيا، وارث سراپا احتجاج

news

ڪراچي: ڪراچي جي سرجاني واري علائقي لياري ايڪسپريس وي سيڪٽر 36 بي ۾ ٽيھ سالن جي سنڌي پورهيت جاويد ڀٽي جي قتل وارو مامرو، مقتول جي وڏي ڀاء محمد حنيف ڀٽي جي فرياد تي ٽن جوابدارن مدثر پٺاڻ، عبداللھ شاھ، حڪيم عرف ميجر خلاف سرجاني ٽائون ٿاڻي تي قتل جو ڪيس داخل ڪيو ويو.

پنج ڏينھن گذري وڃڻ باوجود واقعي جا جوابدار گرفتار نہ ٿي سگھيا، وارثن پاران پوليس تي عدم اعتماد جو اظھار ڪيو.

ان موقعي تي مقتول جي ڀائرن محمد حنيف، سليم ڀٽي صحافين سان ڳالھائيندي چيو تہ جوابدارن کي حڪمران سياسي پارٽي جي پٺڀرائي حاصل آھي، جنھن سبب پوليس جوابدار گرفتار ڪرڻ لاء تيار ناھي.

احتجاج ڪرڻ تي جوابدار بااثر ھجڻ ڪري موتمار ڌمڪيون ڏئي رھيا آھن، جنھن ڪري اسان ۽ گھر ڀاتي خوف ۾ ورتل آھيون، حد جي پوليس جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ بدران حڪمران جماعت جي ايم پي اي ربستان خان توڙي ايم اين اي آفتاب جھانگير جوابدار ڌر کي پروٽوڪول فراھم ڪري رھي آھي، انھن جي گھرن اڳيان بڪتر بند گاڏي بيھاري ڇڏي آھي.

ٻئي طرف مقتول جي وارثن سان قومي شاعر مھر ڊٻائي، سماجي اڳواڻ رياض کيمٽيو، ايس ٽي پي اڳواڻ مبارڪ ڀٽي، جسقم ضلعي صدر اصغر بروهي جسقم اڳواڻ انور جمالي نيشنل ڊيموڪريٽڪ پارٽي جي مرڪزي صدر ممتاز بروھي، جماعت اسلامي ضلع اولھ جي صدر يوسف علي ۽ ٻين تڏي تي پھچي مقتول جي وارثن سان تعزيت ڪئي ۽ سھڪار جو يقين ڏياريو.

ان موقعي تي اڳواڻن چيو تہ ڪراچي ۾ ھڪ سازش تحت سنڌي نوجوانن کي قتل ڪيو ويو ھو، ان واقعي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪن ٿا، ھنن چيو تہ ھن ڏکئي دور ۾ مورڙي جي ماڳ تي سنڌي ماڻھن جا لاش ڏنا وڃن ٿا، لاڪ ڊائون سبب ھو خاموش آھن. ان جي ڪري تحريڪ ھلائي نہ سگھيا آھيون.

ھنن چتاء ڏيندي چيو تہ جيڪڏھن قاتل گرفتار نہ ٿيا انصاف نہ مليو تہ ھو مجبورن ٿي لاڪ ڊائون ٽوڙي روڊن تي نڪري ڌرڻا ھڻندا.

ھنن چيف جسٽس پاڪستان، سنڌ ھاءِ ڪورٽ، آءِ جي سنڌ کان مطالبو ڪيو تہ واقعي جو نوٽيس وٺي انصاف ڪيو وڃي.