نوابشاهه لڳ چانڊيا برادري جي ٽن گهرن کي باهه لڳي وئي، سمورو سامان سڙي رک

news

نوابشاهه: بي سيڪشن ٿاڻي جي حد خاصخيلي موڙ وٽ بجلي جي شارٽ سرڪٽ مان ٻاهه لڳڻ ڪري چانڊيا برادري جي ٽن گهرن کي باهه لڳي وئي، جڏهن ته فائر برگيڊ عملو دير سان پهچڻ ڪري گهر ۾ پيل الهه تلهه سڙي رک ٿي ويو.

گهر جي مالڪن بشير احمد چانڊيو، علي نواز چانڊيو، عنايت علي چانڊيو چيو ته بجلي جي شارٽ سرڪٽ مان باهه لڳڻ ڪري اسان جون پنج ٻڪريون، ٻه مينهون، کاڌي پيٽي جو سامان ۽ گهر ۾ پيل الهه تلهه سڙي رک ٿي ويو آهي ۽ اسان هن وقت کليل آسمان هيٺ ويٺل آهيون.

هنن ضلعي انتظاميه کي اپيل ڪئي ته اسان جي مالي مدد ڪئي وڃي  ته جئين اسان بک ۽ بدحالي کان بچي سگهون.