متحده عرب امارات ۾ جديد هيلمٽس سان ڪورونا مريضن جي سڃاڻپ ٿيڻ لڳي

news

دبئي: متحده عرب امارات ۾ جديد هيلمٽس سان ڪورونا وائرس جي مريضن جي سڃاڻپ ڪئي پئي وڃي.

غير ملڪي خابرو اداري موجب يو اي اي جي گهرو وزارت موجب ان هيلمٽس کي دبئي پوليس جي طرفان ڪورونا وائرس جي ممڪنه شڪار ماڻهن کي پڪڙڻ لاءِ استعمال ڪيو ويندو.

ٻڌايو ويو آهي ته ان مقصد لاءِ ٿرمل ڪيمرائن سان 5 ميٽر کان پري جسماني گرمي پد کي چيڪ ڪيو ويندو.

هيلمٽس واءِ فاءِ، بليو ٽوٿ ۽ فائيو جي ڪنڪٽويٽي سان ليس آهن ۽ ان ۾ موجود انفراريڊر ڪئميرا ٻن منٽن جي اندر سئو کان وڌيڪ ماڻهن جو گرمي پد رڪارڊ ڪري سگهي ٿو.

خيال رهي ته چين ۾ تيار ڪيل هيلمٽ بنيادي طور تي چهري جي سڃاڻپ ۽ ڏوهارين کي پڪڙڻ لاءِ تيار ڪيو ويو هو.