شهباز شريف طلبي باوجود نيب ۾ پيش نه ٿيو

news

لاهور: قومي احتساب بيورو قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ ۽ مسلم ليگ (ن) جي صدر شهباز شريف کي طلب ڪيو هو، جڏهن ته هو پيش نه ٿيو.

گذريل ڏينهن نيب لاهور شهباز شريف کي اڄ مني لانڊرنگ ڪيس ۾ طلب ڪيو هو ۽ ان کان وراثت ۾ ملندڙ جائيداد جا تفصيل به گهريا هئا.

جڏهن ته مخالف ڌر جو اڳواڻ ڪورونا وائرس ۽ لاڪ ڊائون سبب نيب آفيس ۾ پيش نه ٿي سگهيو.

ان حوالي سان مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ عطا تارڙ جو چوڻ هو ته ڪورونا ۽ لاڪ ڊائون جي حالتن ۾ نيب ۾ پيش نٿو ٿي سگهجي، جڏهن ته شهباز شريف نيب کي پنهنجو تحريري جواب جمع ڪرائي ڇڏيو آهي.

هن چيو ته شهباز شريف نيب ۾ ڪيترائي ڀيرا پيش ٿي چڪو آهي ۽ ان جي طرفان تفصيلي ۽ تحريري جواب به جمع ڪرائي چڪا آهيون.