بدين ۾ مبينه طور نشي جا پئسه نه ملڻ تي ننڍي ڀاءُ هٿان وڏو ڀاءُ زخمي، گرفتار نه ٿيڻ خلاف احتجاج

news

بدين(رپورٽ: تنوير احمد آرائين) بدين شهر جي وارڊ 4 سيراڻي روڊ جي ملاح پاڙي ۾ مبينه طور نشي جا پئسه نه ملڻ تي ننڍي ڀاءُ علي اصغر ڪهاڙي سان حملو ڪري پنهنجي وڏي ڀاءُ گلزار ملاح کي زخمي ڪري وڌو.

 ان سلسلي ۾ ننڍي ڀاءُ جي حملي ۾ زخمي ٿيل وڏي ڀاءُ گلزار ملاح پريس ڪلب بدين ۾ دانهيندي چيوته ننڍو ڀاءُ نشي جو عادي آهي جيڪو اڪثر ڪري نشي ۾ ڌت ٿي مون سميت پاڙي وارن کي تنگ ڪندو رهي ٿو، اڄ به مون کان نشي جا پئسه گهريا جيڪي نه ملڻ تي هن منهنجو خون ڪرڻ جي ارادي سان مون مٿان حملو ڪري زخمي ڪيو آهي.

 هن وڌيڪ چيو ته مون اهڙي رپورٽ سٽي ٿاڻي تي ڪئي آهي پر پوليس حملو ڪندڙ جوابدار کي گرفتار نه ڪيو جنهن سبب ان مان مونکي وڌيڪ جان جو خطرو آهي.

 هن مطالبو ڪيو ته مون مٿان خون جي ارادي سان حملو ڪندڙ جوابدار کي گرفتار ڪري مٿس ڪيس داخل ڪيو وڃي.