اٽلي ڏاکڻي علائقي ۾ ڪورونا وائرس کي شڪست ڏيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

news

اٽلي: (ڇنڇر 18 اپريل 2020ع)  اٽلي ڏاکڻي علائقي ۾ ڪورونا جي عالمگير وبا جي خلاف فتح جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. اٽلي پوئتي پيل ڏاکڻي خطي ۾ ڪورونا وائرس کي شڪست ڏيڻ جو اعلان جمعي تي ڪيو هو.

ان حوالي سان اطالوي پبلڪ هيلٿ جي سربراهه جو چوڻ آهي ته اٽلي جي ڏاکڻي علائقي وارين اسپتالن ۾ ڪورونا ڪيسن جو انگ وڌي چڪو هو پر اسان ڏاکڻي علائقن ۾ ڪورونا وبا جي پکيڙ کي روڪي ڇڏيو آهي.

هن وڌيڪ چيو ته ڪورونا وبا ان اتر وارن علائقن ۾ پکڙجي جتي بهترين طبي عملو ۽ سهولتون هيون. جنهن سبب ڪورونا جي پکيڙ کي روڪڻ ۾ مدد ملي.

ياد هي ته ڪورونا وائرس سبب دنيا ۾ فوتين جي اعتبار سان اٽلي ٻئين نمبر تي آهي جتي هينئر تائين 22 هزار 745 ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن.