لاڙڪاڻي لڳ کوسا ڳوٺ ۾ ڇهن ورهين جي نينگر کي ڪتن ڏاڙهي چيڙي ماري وڌو

news

لاڙڪاڻو: لاڙڪاڻي شهر ڀرسان نيو بس اسٽينڊ واري علائقي کوسا ڳوٺ ۾ گهر ٻاهران نڪرڻ دوران 5 کان 7 ڇتن ڪتن حملو ڪري پهرين ڪلاس جي شاگرد 6 ورهين جي نينگر ظهير پٽ احمد نواز گڏاڻي کي منهن، ٻانهن، ڄنڳهن سميت جسم جي مختلف حصن تي چڪ هڻي رتورت ڪري ڇڏيو، نينگر جي رڙين تي وارثن پهچي کيس ڳڻتي جوڳي حالت ۾ کڻائي چانڊڪا اسپتال جي حادثن واري شعبي ۾ نيو پئي ويو، جتي رستي ۾ نينگر زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو.

جڏهن ته اسپتال ۾ نينگر جي موت جي تصديق بعد وارث لاش مٿان اوڇانگرون ڏئي روئيندا رهيا.

ان موقعي تي ڇتن ڪتن جي حملي ۾ فوت ٿيل نينگر جي وارثن ٻڌايو ته ظهير جيئن ئي گهر ٻاهران نڪتو ته 5 کان 7 ڇتن ڪتن مٿان حملو ڪري سندس جي منهن، ٻانهن، ڄنڳهن ۽ جسم جي مختلف حصن تي چڪ هڻي کيس رتورت ڪري ڇڏيو، کيس ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال نيو پئي ويو ته رستي ۾ ظهير فوت ٿيو، جنهن جو لاش اسپتال منتقل ڪيو، جتي ڊاڪٽرن موت جي تصديق پڻ ڪئي آهي.

هوڏانهن ضروري ڪارروائي بعد ڇتن ڪتن جي حملي ۾ فوت ٿيل نينگر جو لاش وارثن حوالي ڪيو ويو جيڪي لاش کڻائي ڳوٺ روانا ٿي ويا جتي لاش گهر پهچڻ تي گهر ڀاتين ۾ ڪيهاٽ پئجي ويا.