پنگريو واسڻ جي بااثرن ۽ پوليس خلاف احتجاج

news

بدين: پنگريو واسڻ  جي بااثرن ۽ پوليس خلاف احتجاج

رپورٽ موجب پنگريو جي غريب آباد پاڙي جي رهواسڻ پروين زال صاحب خان وهره پريس ڪلب بدين پهچي صحافين اڳيان دانهيندي چيو ته ڪجهه ڏينهن پهرين شهر جي هاءِ اسڪول ۾ قائم احساس سينٽر تي شهر جي بااثرن مون تي بنا ڪنهن سبب تشدد ڪري گارگند ڪري موتمار ڌمڪيون آهن، جنهن جي سوشل ميڊيا تي وڊيو به وائرل ٿي آهي.

ان کان علاوه انهن جوابدارن خلاف پنگريو ٿاڻي تي رپورٽ داخل ڪرائي آهي پر تنهن هوندي به پوليس ڪابه ڪارروائي نه ٿي ڪري، جنهن سبب جوابدار مون کي ماٺ ڪرائڻ لاءِ مون کي جان کان مارڻ جون ڌمڪيون ڏيئي منهنجي ڪردار ڪشي به ڪري رهيا آهن.

هن وڌيڪ چيو ته انهن جوابدارن مان جان ۽ مال  ۽ عزت جو خطرو آهي. هن ايس ايس پي کان مطالبو ڪيو ته جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪري تحفظ فراهم ڪيو وڃي