سڪرنڊ ويجهو قومي شاهراهه تي ڪار ۽ موٽر سائيڪل ۾ ٽڪر، هڪ فوت، هڪ زخمي

news

سڪرنڊ: ( رپورٽ- مشتاق سولنگي ) سڪرنڊ کان 6 ڪلو ميٽر پري قومي شاهراھ تي پناما بورڊ وٽ ٻه سڪرنڊ واسي موٽر سائيڪل سوار دلاور خان ٻرڙو ۽ اختر خانزاده وڃي رهيا هئا ته سندن تيز رفتار ڪار سان ٽڪر ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾ ٻئي ڄڻا سخت زخمي پيا.

زخمين کي تعلقه اسپتال سڪرنڊ پھچايو ويو جتي ڊاڪٽرن پاران ابتدائي طبي امداد ڏيڻ بعد هميشه وانگر اهو چئي سول اسپتال نوابشاھ ريفر ڪيو ويو ته زخمي سيريز آهن ان ڪري هتي سندن علاج ممڪن ناهي تنهنڪري کين فورن نوابشاھ نيو وڃي.

 ڊاڪٽرن جي هدايت بعد ٻنھي زخمين کي سول اسپتال نوابشاھ جي ايمرجنسي وارڊ منتقل ڪيو ويو جتي اختر خانزده زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو جڏھن ته دلاور جو علاج جاري آهي.

 هوڏانهن اسپتال انتظاميه پاران ضروري ڪاغذي ڪاروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو.