سکر ۾ پهرين صف جي سپاهين طبي عملي ۽ سيڪيورٽي فورس کي سلامي

news

سکر:(رپورٽ- مشتاق ٽانوري) سکر ميونسپل ڪارپوريشن ڪرونا سان ويڙھ جي پهرين صف جي سپاهين طبي عملي ۽ سيڪيورٽي فورسز کي سلامي پيش ڪئي، واڪنگ ٽريڪ باغ تي 56 فٽ ويڪرو اڇو  جهنڊو ڦڙ ڪايو ويو. 


ميونسپل ڪارپوريشن واڪنگ ٽريڪ تي مختصر تقريب ڪوٺائي ڪرونا سان ويڙھ جي پهرين قطار جي سپاهين طبي عملي ۽ سيڪيورٽي فورسز کي سلام پيش ڪيو، تقريب ۾ ميئر ارسلان اسلام شيخ شهرين جي نمائندگي ڪندي 30 فٽ ڊگهو 84 فٽ ڪپڙي جي ڊيگھ ۽ 56 فٽ ويڪرو اڇو جهنڊو ڦڙڪايو. 

تقريب ۾ ڊپٽي ميئر طارق چوهاڻ ڊي سي راڻا عديل تصور، طبي عملي، پوليس، رينجرز ۽ پاڪ فوج جي 4 - 4 عيوضين شرڪت ڪئي، طبي عملي ۽ سيڪيورٽي فورسز کي اجرڪ ۽ ٽوپين جون سوکڙيون پڻ ارپيون ويون. 

ميڊيا سان ڳالهائيندي ميئر ارسلان اسلام شيخ چيو ته طبي عملو ۽ سيڪيورٽي فورسز جان تري تي رکي ڪرونا سان ويڙھ جي پهرين قطار ۾ بيٺل آھن سندن ان جذبي کي قوم قدر جي نگاھ سان ڏسندي سلام پيش ڪري ٿي. هي  تقريب سندن مڃتا لاءِ بنھ ننڍڙي آھي، ڦڙڪندڙ اڇو جهنڊو انهن جوڌن جي جذبن کي ڀيٽا آھي.