مومل جي ماڙي ۾ پورهيتن پاران لاڪ ڊائون جي ڪري بيروزگاري ۽ چورين خلاف احتجاج

news

ميرپور ماٿيلو:(رپورٽ-هادي بخش جلباڻي)  گهوٽڪي لڳ مومل جي ماڙي ۾ لاڪ ڊائون سبب غريب پورهيت بکون ڪاٽڻ تي مجبور بڻيل آهن ته ٻئي طرف وري چورين جو آزار وڌي ويو.

 گذريل رات نامعلوم چور مومل جي ماڙي مان پورهيت غلام شبير بوزدار جي درزي جي دوڪان جا تالا ٽوڙي دڪان ۾ پيل يو پي ايس، بيٽري ۽ ڪيترائي ڪپڙن جا جوڙا چوري ڪري فرار ٿي ويا، جڏهن ته مرغي جي دڪاندار عبدالرزاق ٿهيم جي دڪان جا به چور تالا ٽوڙي دڪان ۾ پيل ڪات ۽ روڪ رقم 10 هزار رپيا چوري ڪري فرار ٿي ويا ان حوالي سان مومل جي ماڙي پوليس کي اطلاع ڪيو ويو، پوليس اهلڪار صرف جاءِ واردات تي پهچي معائنو ڪري واپس هليا ويا.

ان حوالي سان مومل جي ماڙي جي پورهيت غلام شبير بوزدار، قربان بوزدار، عبدالرزاق ٿهيم ۽ ٻين احتجاج ڪندي چيو ته هڪ طرف لاڪ ڊائون جي ڪري گذريل هڪ مهيني کان ڪاروبار بند هجڻ ڪري بکون ڪاٽڻ تي مجبور بڻيل آهيون ته ٻي طرف وري ماٿيلو مومل جي ماڙي ۾ چورين جو آزار وڌي ويو آهي.

 هر رات چوري جي واردات ٿي پئي پر مومل جي ماڙي پوليس گشت ڪرڻ بجاء پنهنجي گهرن ۾ آرامي پيل آهي.

 هنن چيو ته اسان مسڪين آهيون چور هزارين روپين جو سامان چوري ڪري ويا آهن، ان موقعي ته پورهيتن آء جي سنڌ، ڊي آء جي سکر ۽ ايس ايس پي گهوٽڪي کان مطالبو ڪيو ته خدارا  چوري ٿيل سامان واپس ڪرايو وڃي ٻي صورت ۾ مجبورن سخت احتجاج ڪيو ويندو.