ڳوٺ بخشيو لغاري جي فوت ٿيل پيرسن کي ڪورونا جو شڪ، گهرڀاتين جا ٽيسٽ ورتا ويا

news

داد لغاري (رپورٽ :اياز احمد پتافي) داد لغاري ويجھو ڳوٺ بخشيو لغاري ۾ ھڪ ڏينھن اڳ 55 سالن جي پيرسن مکڻو مڱڻھار جي طبيعت خراب ٿي پئي ھئي، جنھن کي وارثن پاران علاج لاء خانگي اسپتال ميرپور ماٿيلو کڻائي ويا، جتان طبيعت گھڻي خراب ٿيڻ ڪري پيرسن کي رحيم يار خان اسپتال نيو ويو، جتي ھو علاج دوران فوت ٿي ويو.

پيرسن جي ڀاڻج علي گل مڱھڻار رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو تہ منھنجي مامي جي طبيعت خراب ھجڻ ڪري رحيم يار خان اسپتال آندوسين جنھن جو علاج پڻ جاري ھو، جيڪو گذريل ڏينھن اسپتال اندر فوت ٿي ويو ۽ ڊاڪٽرن پاران ڪورونا وائرس ھجڻ جو شڪ ظاھر ڪندي لاش وارثن حوالي ڪرڻ بدران ضلعي انتظاميا حوالي ڪيو ويو.

فوتي پيرسن ۾ ڪورونا وائرس جو شڪ ھجڻ تي ضلعي انتظاميا ۾ ٿرٿلو مچي ويو، ڏھرڪي مان ڊاڪٽرن جي ٽيم فوتي پيرسن جي گھر پھچي فوتي جي گھر واريءَ، ٻن پٽن کي ٽيسٽ لاءِ ميرپورماٿيلو سول اسپتال آندو، جتان کان کين فوتي جي گھر ڀاتين جا ڪورونا ٽيسٽ لاء سيمپل وٺي وارثن کي گھر ڏانھن وڃڻ جي اجازت ڏيئي ڇڏي آھي. ڪورونا وائرس جو شڪي ماڻھو جي خبر علائقي ۾ ڦھلجڻ تي عوام ۾ خوف حراس پئجي ويو.

ھوڏانھن فوتي پيرسن کي ڪٿي دفن ڪجي ضلعي انتظاميا في الحال ڪو به واضح فيصلو نه ڪري سگھي آھي.