داد لغاري جي فوتي پيرسن ۾ ڪورونا جو شڪ

news

دادلغاري: (رپورٽ- اياز احمد پتافي) دادلغاري واسي رحيم يار خان جي اسپتال ۾ فوتي پيرسن کي ڪورونا جو شڪ هجڻ تي اسپتال انتظاميه لاش ضلعي انتظاميه گھوٽڪي حوالي ڪري ڇڏيو. 

 دادلغاري جي ڳوٺ الھداد واسي پيرسن مکڻو مڱڻھار کي گذريل رات دير سان پيٽ ۾ سور پوڻ سبب کيس وارث ميرپورماٿيلو اسپتال کڻائي ويا بعد ۾ رحيم يار خان جي شيخ زيد اسپتال پڻ داخل ڪيو ويو جتي ھو فوت ٿي ويو.

 فوتي پيرسن ۾ اسپتال انتظاميہ پاران ڪورونا ھجڻ جو شڪ ظاھر ڪري کيس انتظاميہ کي اطلاع ڪيو جنھن بعد ضلع گھوٽڪي جي ڊاڪٽرن جي ٽيم سندس لاش کڻائي فوتي جي ڳوٺ پھتي جتي جنازي جي نماز ادا ڪرڻ بعد مقامي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو.

 صحت کاتي جون ٽيمون فوتي جي گھر ڌڻين کي ڪورونا ٽيسٽ ڪرڻ لاءِ سول اسپتال ميرپورماٿيلو وٺي آئي جتي ڪورونا ٽيسٽ ڪليئر اچڻ بعد کين گھر ڇڏيو ويو ويو.