پنجاب ۾ ڪورونا جا نوي سيڪڙو مريض معمولي نوعيت جا آهن: ياسمين راشد

news

ملتان: (اڱارو 21 اپريل 2020ع)  پنجاب جي صحت واري وزير ڊاڪٽر ياسمين راشد چيو آهي ته صوبي جي مريضن مان 90 سيڪڙو معمولي نوعيت جا آهن.

ملتان ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ياسمين راشد ٻڌايو ته نشتر اسپتال جي 53 ڊاڪٽرن مان 27 ڊاڪٽرن جي ٽيسٽ هاڪاري ۽ 26 جي منفي آئي آهي جڏهن ته اڃان به 3800 ڊاڪٽر ۽ طبي عملي جا ٽيسٽ ڪرڻا آهن. هن هفتي جي آخر تائين روزاني 5 هزار ٽيسٽ ڪرڻ جي صلاحيت ٿي ويندي.

هن چيو ته پنجاب ۾ ڪورونا وائرس جي گڏيل ڪيسن جو انگ 4227 آهي جن مان 19 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي. صوبي جي مريضن مان 90 سيڪڙو معمولي نوعيت جا آهن. ڏکڻ پنجاب ۾ ڪورونا جا 183 مريض صحتياب ٿي چڪا آهن.

صحت واري وزير چيو ته پنجاب ۾ 140 ننڍن وڏن علائقن ۾ مڪمل لاڪ ڊائون ڪيو ويو آهي.  هن وڌيڪ چيو ته پرڏيهي وزير کي ڪنهن غلط گائيڊ ڪيو. مان پاڻ سمورا تفصيل ٻڌائيندس. ان جا خدشا ختم ڪرڻ ملتان آئي آهيان. شاهه صاحب ليب ۾ بهتري نه آڻڻ جي ڳالهه ڪئي هئي پر ملتان ۾ 3600 ٽيسٽ ڪيا ويا ۽ نشتر اسپتال مان وينٽي ليٽر کڻي ڪنهن ٻئي هنڌ منتقل ناهن ڪيا ويا.

ياسمين راشد  چيو ته  ڊاڪٽرن کي اين 95 ماسڪ ڏئي ڇڏيا آهن هڪ اين 95 ماسڪ مان هڪ هفتو گذارو ٿي ويندو آهي. هر ڊاڪٽر کي اين 95 ماسڪ ڏنو ويو آهي جيڪو هر هفتي تبديل ڪيو ويندو آهي.