ميرپورخاص ۾ ڪورونا جا ٻه ڪيس ظاهر

news

ميرپورخاص:(رپورٽ- علي جان)  ميرپورخاص ۾ وڌيڪ ٻه ڪورونا جا ڪيس ظاهر، پشاور کان آيل تبليغين جي رپورٽ پازيٽو اچڻ بعد کين آئسوليٽ ڪي ويو.

 ڪجهه ڏينهن اڳ تبليغي جماعت سان تعلق رکندڙ ڊگهڙي واسي راشد ۽ امتياز پشاور کان واپس گهر موٽي رهيا هئا ته ضلعي انتظاميا انهن کي روڪي پي سي بي گرائونڊ جي رانديگرن جي هاسٽل ۾ قائم قرنطينه سينٽر ڪورنٽائن ڪري  سندن ڪورونا جون ٽيسٽون ڪرايون جيڪي پازيٽو اچي ويون آهن.

بعد ۾ کين نئين ڊسٽرڪٽ هيڊ ڪوارٽر سول اسپتال ۾ قائم آئسوليشن سينٽر ۾ منتقل ڪيو ويو آهي.

  پشاور کان آيل 3 تبليغين مزمل، فاروق محمود ۽ صفدر جيڪي به آئسوليشن ۾ هئا، جن جي رپورٽ  ڪليئر اچي ويئي، جڏهن ته  ٻن ڄڻن جي رپورٽ تصديق ٿيڻ بعد انهن کي ٻيهر ڪورنٽائن ڪيو ويو آهي.

 ٻئي پاسي ڦلهڏيون جو مقامي رهواسي مرتضيٰ لغاري کي ٻه ڏينهن اڳ شڪ تحت آئسوليشن منتقل ڪري ٽيسٽ ڪئي وئي، جيڪا ڪليئر آئي، اهو به قرنطينه ۾ رهندو، جڏهن ته ڪجهه ڏينهن اڳ پنجاب جي تبليغي جماعت کان آيل ميرپورخاص واسي محمد خان پنهور جيڪو هفتي کان پي سي بي گرائونڊ ۾ آئسوليٽ هو، جنهن جي  رپورٽ منفي اچڻ بعد کيس ڪليئر قرار ڏئي گهر موڪليو ويو.

 ياد رهي ته ميرپورخاص جي قرنطينه سينٽر ۾ 4 ڄڻا جن جي رپورٽ پازيٽو آئي هئي اهي زير علاج آهن.