نواب شاهه ۾ ڳوٺ خدا بخش چانڊيو جي هڪ ماڻهوءَ ۾ ڪورونا جي سڃاڻپ، ڳوٺ سيل

news

نوابشاهه(رپورٽ: فدا چانڊيو) تعلقي ٿاڻي نوابشاھ جي حد ڳوٺ خدا بخش چانڊيو جي رهواسي هڪ شخص جي ڪرونا وائرس جي رپورٽ مثبت اچڻ بعد ڊپٽي ڪمشنر شهيد بينظير آباد ابرار احمد جعفر جي هدايتن تي تعلقي پوليس ڳوٺ خدا بخش چانڊيوکي سيل ڪري وڏي نفري مقرر ڪري ڇڏي آهي.

 انهيءَ سلسلي ۾ ڪرونا وائرس جي شڪار ٿيل شخص جي وارثن ۽ پاڙي وارن ٻڌايو ته هي ڪجهه ڏينهن اڳ تبليغ تي ويو هو ۽ 5 ڏينهن اڳ تبليغ کان واپس آيو آهي جنهن کان پوءِ سندس ڪرونا وائرس جي ٽيسٽ ڪرائي وئي هئي ان جي رپورٽ مثبت اچي وئي آهي جنهن کان پوءِ پوليس سڄي ڳوٺ کي سيل ڪري ڇڏيو آهي.

 هوڏانهن صحت کاتي پاران ڪرونا وائرس ۾ مبتلا شخص جي گهر ڀاتين ۽ ساڻس تازو ملاقات ڪندڙ ماڻهن جون ٽيسٽون ورتيون وينديون.