خيبرپختونخواهه جي چوڏنهن ڊاڪٽرن سميت ٻيو طبي عملو ڪورونا وائرس جو شڪار

news

پشاور: (اربع 22 اپريل 2020ع) سنڌ ۽ پنجاب کان پوءِ خيبرپختونخواهه ۾ به ڊاڪٽرن سميت طبي عملي ۾ ڪورونا وائرس جي سڃاڻپ ٿي وئي آهي.

رپورٽ موجب صوبي ۾ 14 ڊاڪٽرن سميت 5 پيرا ميڊيڪل ۽ 11 ٻيا طبي اهلڪار ڪورونا وائرس ۾ مبتلا ٿي چڪا آهن. ٻڌايو ويو آهي ته پشاور جي 11 ڊاڪٽرن ۾ ڪورونا وائرس جي سڃاڻپ ٿي آهي جنهن ۾ 2 ڊاڪٽر عورتون به شامل آهن ان مان هڪ ڊاڪٽر جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي جڏهن ته بنون، مردان ۽ سوات ۾ هڪ هڪ ڊاڪٽر ڪورونا وائرس ۾ مبتلا ٿي ويو آهي. ان کان علاوه پيرا ميڊيڪل اسٽاف ۾ 5 عورتون به ڪورونا وائرس سبب متاثر ٿيون آهن جن مان هڪ جو تعلق شانگله جڏهن ته چئن جو پشاور سان آهي.

ان حوالي سان خيبرپختونخواهه جي صحت واري سيڪريٽري سيد امتياز حسين شاهه ٻڌايو آهي ته متاثر طبي عملي کي ڪورونا صرف اسپتالن ۾ ڊيوٽي دوران ناهي لڳو. هن چيو ته ڊاڪٽرن ۽ ٻئي طبي عملي جي حفاظت اولين ترجيح آهي ان لاءِ متاثر سموري طبي عملي جو مڪمل خيال رکيو پيو وڃي. صحت واري سيڪريٽري جو چوڻ هو ته طبي عملي کي سموريون سهوليتون ڏنيون پيون وڃن ۽ ڪورونا جي خلاف وڙهندڙ ڊاڪٽرن جي لاءِ حڪومت  مالي پيڪيج تجويز ڪيو آهي.

واضح رهي ته ملڪ ۾ ڪيترائي ڊاڪٽر ڪورونا وائرس ۾ مبتلا ٿي چڪا آهن. جڏهن ته گلگت بلتستان ۽ ڪراچي ۾ ڊاڪٽر ڪورونا سبب فوت ٿي چڪا آهن. ڊاڪٽر ۽ طبي عملو هن وقت ڪورونا جي خلاف جنگ ۾ پهرين  صف جا سپاهي آهن جيڪي مشڪل حالتن جي باوجود وائرس جو مقابلو ڪرڻ ۾ مصروف آهن.