نئون ڪوٽ جي احساس ڪفالت سينٽر ٻاهران شاهينگ عورت جا پيسا کڻي ڀڄي ويو، پوليس تماشائي بڻيل

news

نئون ڪوٽ (رپوٽ: پيارعلي نھڙيو) نئون ڪوٽ جي گورنمينٽ هائير سيڪنڊري اسڪول جي احساس ڪفالت سينٽر ۾ ڳوٺ چوڌري محمود جي رهواسڻ شريمتي حولي ڀيلڻ سينٽر مان وظيفي جا ٻارنهن هزار روپيا وٺي ٻاهر نڪتي ته ٻاهر سينٽر جي گرائونڊ ۾ نامعلوم شاهينگ عورت کي اڪيلو ڏسي چيو ته توهانکي گھڻا پيسا مليا آھن عورت چيو ٻارنهن هزار جنهن تي نامعلوم شاهينگ چيو ته توهان جا ٻارنهن هزار نه سترنهن هزار آيل آھن.

 توهان پنهنجي شناختي ڪارڊ جي ڦوٽو ڪاپي ڪرائي اچو ۽ اهي پيسا مونکي ڏيو ته آئون پيسا ڪڍي ڏيندڙ ڊوائيس مالڪ کان بقايا پنج هزار وٺرائي ڏيان.

 عورت ٻارنهن هزار ڏنا ته شاهينگ پوليس جي موجودگي ۾ سينٽر مان رفوچڪر ٿي ويو، شاهينگ جي فرار ٿيڻ تي عورت رڙيون ڪيون ته مونکان نامعلوم شاهينگ پيسا ڦري ويو.

 پوليس شاهينگ جو پيڇو ڪرڻ بجاء خاموشي سان تماشو ڏسندي رهي ۽ عورت ڳوڙھا ڳاڙيندي گهر ڏي روانو ٿي وئي.

 واضح رهي ته احساس سينٽر تي عورتن جي هجوم ۾ شڪي ۽ آواره ماڻھو سڄو ڏينھن لامارا ڏيندا رهندا آھن پر پوليس ڪا به ڪاروائي نٿي ڪري