جرمني ۾ مسجدون چار مئي کان کولڻ جو فيصلو، مسلمانن ۾ خوشي جي لهر پکڙجي وئي

news

برلن: (خميس 23 اپريل 2020ع) جرمني سموريون مسجدون 4 مئي 2020 کان کولڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. جرمني جون خبرون ڏيندڙ اداري موجب حڪومت ملڪ ۾ سموريون مسجدون 4 مئي 2020 تي کولڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي.

جرمني ۾ آباد مسلمان ڪميونٽي جي لاءِ اها وڏي خوشي جي خبر آهي ته مسجدن ۾ نماز باجماعت ۽ تراويح به ٿينديون. ڪورونا وائرس جي عالمي وبا کي نظر ۾ رکندي جرمني ۾ مسجدن سميت سموريون عبادت گاهون بند هيون پر هاڻ لاڳاپيل اختيارين 4 مئي کان مسجدن ۽ ٻين عبادتگاهن کولڻ جو فيصلو ڪيو آهي جنهن کان پوءِ مسلمانن ۾ خوشي جي لهر پکڙجي وئي آهي هر مسجد ۾ 50 ماڻهو باجماعت تراويح جون نمازون ادا ڪري سگهن ٿا ۽ سمورا سماجي فاصلا برقرار رکڻ ۽ حڪومتي قدمن تي عمل ڪرڻ جا پابند هوندا.

جرمني جي حڪومت اسڪول، ريل ۽ بس سروس سميت ٻئي ٽرانسپورٽ به کولڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي.