نوابشاهه جي سٺ ميل پوليس نوجوان کي مبينا گولي هڻي هاف فراءِ ڪري ڇڏيو، مقابلي جي دعويٰ

news

نوابشاهه: نوابشاهه جي سٺ ميل پوليس نوجوان راشد چانڊيو کي مبينا گولي هڻي هاف فراءِ ڪري ڇڏيو، جڏهن ته پوليس نوجوان کان ڦر ٿيل موٽر سائيڪل هٿ ڪرڻ سان گڏ بنا لائسنس جو پسٽل پڻ هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي ۽ نوجوان تي سٺ ميل ٿاڻي تي ڦر ۽ پوليس مقابلي جو ڪيس پڻ داخل ڪيو آهي.

انهيءَ سلسلي ۾ زخمي راشد چانڊيو ٻڌايو ته ٻه ڏينهن اڳ ۾ دولت پور پوليس مون کي گرفتار ڪيو هو، انهي کانپوءِ مون کي سٺ ميل پوليس حوالي ڪيو ويو، انهن رات منهنجون اکيون ٻڌي مون کي گولي هڻي زخمي ڪري پي ايم يو اسپتال ۾ داخل ڪرايو آهي.

هن چيو ته آئون دولت پور ڀرسان ڪچي ۾ هاري آهيان، هينئر اسان ڪڻڪ لُڻي ديرا ڪيا آهن ۽ اڃا ٿريشر نه لڳو آهي، هن چيو ته منهنجي گواهي منهنجا هٿ ڏيندا ته آئون هاري آهيان مان چور يا ڦورو ناهيان.

هن چيو ته مون سان انصاف ڪيو وڃي، هن چيو ته مون کي ساڄي ڄنگهه ۾ گولي هڻي معذور ڪيو ويو آهي.

ٻئي طرف سٺ ميل پوليس جو چوڻ آهي ته راّشد چانڊيو، ڦوٽو ۽ غلام مصطفيٰ سٺ ميل دوڙ روڊ جي قاضي اسٽاپ وٽ ڦر جي ارادي سان بيٺل هئا اتي هنن کي گشتي پوليس مقابلي کانپوءِ راشد چانڊيو کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو آهي، جڏهن ته ٻه ڦورو فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا آهن ۽ اهڙي ايف آءِ آر سٺ ميل ٿاڻي تي داخل ڪئي وئي آهي.