مدئجي جي عيدگاهه محلي ۾ پاڻي واري موٽر مان ڪرنٽ لڳڻ سبب ٻارنهن ورهين جو نينگر فوت

news

مدئجي: مدئجي جي عيدگاهه محلي ۾ پاڻي واري موٽر مان ڪرنٽ لڳڻ سبب 12 ورهين جو نينگر عبدالرزاق پٽ عبدالوهاب ميراڻي فوت ٿي ويو.

نينگر جي فوت ٿيڻ تي وارثن ۾ ڪهرام مچي ويو. ان سلسلي فوتي نينگر جي وارثن ميڊيا کي ٻڌايو ته نينگر وهنجڻ لاءِ نلڪي تي ويو، جتي پاڻي واري موٽر مان ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت ٿي ويو.

هوڏانهن نينگر جي فوت ٿيڻ تي سندس پيءُ ماءُ کي بيهوشي جا دورا پئجي رهيا هئا ۽ گهر ۾ ڪهرام مچي ويو، نينگر جي فوت ٿيڻ تي علائقي ۾ سوڳ واري فضا ڇائنجي وئي ۽ هر اک آلي هئي، اطلاع تي وڏي انگ ۾ فوتي نينگر جا مائٽ تڏي تي پهتا.