سعودي عرب سميت ڪيترن ئي اسلامي ملڪن ۾ اڄ پهريون روزو رکيو ويو

news

رياض: (جمعو 24 اپريل 2020ع) سعودي حڪومت طرفان گذريل رات رمضان المبارڪ جو چنڊ نظر اچڻ جو اعلان ڪيو ويو ۽ اڄ اتي پهريون روزو آهي.

ان کان علاوه ڪويت، بحرين ۽ متحده عرب امارات ۾ به اڄ کان رمضان المبارڪ جي شروعات ٿي چڪي آهي. افغانستان جي حڪومت به سعودي عرب جي پوئيواري ڪندي اڄ يعني 24 اپريل 2020 کي پهرين رمضان المبارڪ قرار ڏئي ڇڏيو آهي.

جڏهن ته ٻئي طرف ملائيشيا، مصر، سينگاپور، انڊونيشيا ۽ فلپائن جي حڪومتن به اڄ کان رمضان شروع ٿيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.

واضح رهي ته يورپي ملڪن ۽ آمريڪا ۾ رهندڙ ڪيترائي مسلمان سعودي عرب سان گڏ رمضان ۽ عيدون ملهائيندا آهن. ان لاءِ برطانيه، ڪينيڊا ۽ آمريڪا ۾ رهندڙ گهڻن مسلمانن جي لاءِ اڄ کان پهرين رمضان جي شروعات ٿي چڪي آهي.