بلوچستان ۾ تيز رفتار ٽرالر ۾ ڪار وچ ۾ ٽڪر، ٻن ٻارڙن سميت چار ڄڻا فوت

news

ڪوئٽه: (جمعو 24 اپريل 2020ع) بلوچستان ۾ تيز رفتار ٽرالر ۽ ڪار وچ ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ ٻن ٻارڙن سميت 4 ڄڻا فوت ٿي ويا ۽ هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو آهي.

خضدار واري علائقي ۾ تيز رفتار ٽرالر ۽ ڪار وچ ۾ ٽڪر ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ ، زال مڙس ۽ 2 ٻارڙا فوت ٿي ويا.

جڏهن ته حادثي جي نتيجي ۾ هڪ شخص زخمي ٿي پيو. اطلاع تي رصاڪارن پهچي فوت ٿي ويلن جا لاش ۽ زخمي کي اسپتال منتقل ڪيو، جتي زخمي کي طبي امداد ڏني وئي.

ريسڪيو ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪار ۾ سوار ماڻهو ڪراچي کان ڪوئيٽا وڃي رهيا هئا ته خضدار وٽ سندن ڪار سان حادثو پيش آيو.