ٽنڊو ڄام پوليس جي ڪارروائي، ٽن ڏوهارين کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ، ڪيس داخل

news

ٽنڊو ڄام: ٽنڊو ڄام پوليس جي ڳجهي اطلاع تي ڪارروائي، ٽن ڏوهارين کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ، ڪيس داخل.

خبر موجب ٽنڊوڄام پوليس ايس ايڇ او محمد رحيم کوسو جي اڳواڻي ۾ ٽنڊوڄام باءِ پاس وٽ موسيٰ کٽياڻ روڊ تي ڳجهي اطلاع تي ڪارروائي ڪندي ٻن موٽر سائيڪلن تي سوار ٽن ڄڻن دلير پسيو، جان علي پسيو ۽ راحيل پسيو کي گرفتار ڪري وٽانئن ڦر ٿيل موٽر سائيڪل، ٻه پسٽل، ڇهه موبائيل فون هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.

انهي حوالي سان ايس ايڇ او رحيم کوسو جو چوڻ آهي ته گرفتار ٿيل جوابدارن جو تعلق هڪ گروهه سان آهي، جيڪو قتل، منشيات، چوري ۽ ٻين وارداتن ۾ ملوث آهي.

هن چيو ته گرفتار ڪيل ٽنهي ڄڻن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو  آهي.