پني عاقل ڀرسان گهريلو مسئلن کان تنگ عورت زهريلي دوا پي ڇڏي، حالت ڳڻتي جوڳي

news

پنوعاقل: پني عاقل ڀرسان گهريلو مسئلن کان تنگ عورت زهريلي دوا پي ڇڏي، حالت ڳڻتي جوڳي، اسپتال داخل.

ڳوٺ حاجي خان چاچڙ ۾ 25 ورهين جي عورت پروين گھرو پريشانين کان تنگ ٿي زھريلي دوا پي آپگهات ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، عورت کي بيهوشي واري حالت ۾ تعلقي اسپتال آندو ويو، اسپتال ۾ عورت جي وارثن ميڊيا کي ٻڌايو تہ پروين گهريلو مسئلي تان ڪا زهريلي دوا پيتي آھي.

ھوڏانھن ڊاڪٽرن پاران نلڪين وسيلي عورت جو معدو واش ڪري زھر ڪڍيو ويو آھي، ڊاڪٽرن جو چوڻ آھي تہ عورت جي حالت خطري کان ٻاھر آھي.