آسٽريليا ڀارتي ٽيم جو دورو ممڪن بنائڻ لاءِ سفري پابندين کان ڇوٽ ڏيڻ تي غور شروع ڪري ڇڏيو

news

سڊني: (ڇنڇر 25 اپريل 2020ع) ڀارتي ٽيم آسٽريليا جو دورو ممڪن بنائڻ لاءِ سفري پابندين کان ڇوٽ ڏيڻ تي غور ڪيو پيو وڃي.

رپورٽ موجب ڪورونا وائرس جي خلاف جنگ ۾ مصروف آسٽريليا جي حڪومت طرفان في الحال سخت قدم کنيا پيا وڃن. ٻئي طرف ڪرڪيٽ جون سرگرميون معطل ٿيڻ سبب مالي پريشانين جو شڪار بورڊ نقصان کي پورو ڪرڻ جي لاءِ مختلف رستا ڳولي رهيو آهي.؟

آسٽريليا جو وزيراعظم اسڪاٽ موريسن اسٽيٽس ۽ ميڊيڪل پينل کي هدايتون ڏنيون آهن ته هو راندين جون سرگرميون بحال ڪرڻ جي لاءِ ممڪن قدم کڻڻ تي غور ڪن.

ذريعن موجب آسٽريليا جي بورڊ جي ڪوشش آهي ته هلندڙ سيزن جي آخر تائين جيڪڏهن حالتون بهتر ٿي ٿيون وڃن ته ڀارتي ٽيم کي گهرائڻ جي لاءِ سفري پابندين ۾ نرمي ڪئي ويندي.

ياد رهي ته هي سيريز نه ٿيڻ سبب آسٽريليا جي بورڊ کي 300 ملين ڊالر جو نقصان ٿيندو.