فارم ۾ باهه کان پوءِ فرار ٿيندڙ رڍ ستن سالن کان پوءِ مالڪ وٽ موٽي آئي

news

سڊني: (ڇنڇر 25 اپريل 2020ع) پنهنجي فارم مان فرار ٿيندڙ هڪ رڍ 7 سالن کان پوءِ پنهنجي گهر واپس موٽي آئي آهي پر هن ڀيري سندس وار تمام گهڻا وڌي ويا هئا.

هن رڍ کي پريڪلز جو نالو ڏنو ويو هو جيڪا 2013 ۾ گاهه ۾ لڳندڙ باهه کان پوءِ فرار ٿي وئي هئي. هاري ايلس گري ٻڌايو ته باهه لڳڻ سبب تمام گهڻو نقصان ٿيو جنهن کان پوءِ هڪ ئي رڍ پريگلز هئي جيڪا فرار ٿي وي هئي ان کان پوءِ ٻني جي 200 ايڪڙ تي 50 ڪلو ميٽر ڊگهي باڙ لڳائي وئي هئي.

هي واقعو آسٽريليا جي هڪ ٻيٽ تسمانيه جي هڪ وڏي فارم ۾ پيش آيو جتي هڪ رڍ فرار ٿي وئي هئي. چوڌاري لڳل ڪيمرن ۾ هن رڍ کي ڏسي سگهجيو ٿي پر شايد باڙ لڳڻ سبب هن کي واپس موٽڻ ۾ پريشاني ٿي رهي هئي ان کان پوءِ  رڍ جي مالڪ ان جي واپسي سان مايوس به ٿي ويو هو ان دوران گهر ۾ ٻار جي سالگره هئي ته ان دران اون سان ڀريل رڍ نظر آئي.

ان کان پوءِ گهر جي ماڻهن رڍ کي قابو ڪيو ۽ ان کي گاڏي ۾ وڌو. وار وڌي وڃڻ سبب رڍ گول ۽ وزني ٿي وئي هئي جنهن سبب هو ڀڄي نه سگهي ۽ آساني سان پڪڙجي پئي.