نوابشاهه لڳ ڳوٺ مرزا فرخ بيگ ۾ باهه لڳڻ سبب ڏهه گهر سڙي ويا، الهه تلهه سڙي رک

news

نوابشاهه: نوابشاهه لڳ ڄام صاحب روڊ جي ڳوٺ مرزا فرخ بيگ ۾ باهه لڳڻ سبب 10 گهر سڙي ويا، انهن ۾ پيل الهه تلهه به سڙي ويو، نقصان جو اندازو اٽڪل 15 لک روپيا ٻڌايو پيو وڃي.

جڏهن ته هڪ نوجوان عورت امام زادي ڌي محمد جُمن سولنگي باهه جي گرمائش لڳڻ جي ڪري بيهوش ٿي وئي.

ان سلسلي ۾ ڳوٺاڻن حاجي خان پلهه، غلام حسين پلهه، محمد جُمن سولنگي، راحب سولنگي، صادق پلهه ۽ ٻين احتجاج ڪندي چيو ته اسان جا 10 گهر سڙي ويا آهن ۽ 15 لکن جو نقصان ٿي ويو آهي.

هنن چيو ته اسان سڀئي هينئر نٽهڻ اُس ۾ آسمان جي ڇانو ۾ ويٺل آهيون، اسان جي مدد ڪئي وڃي ۽ اسان کي انصاف ڏنو وڃي.