شهيد بينظير آباد جي ڊسٽرڪٽ جيل مان قيدين کي ميرپورخاص جيل منتقل ڪيو ويو

news

نوابشاهه: شهيد بينظير آباد جي ڊسٽرڪٽ جيل مان 88  قيدين کي ميرپورخاص جيل منتقل ڪيو ويو. قيدين جي منتقلي وقت صحت کاتي جي ڏنل ايڊوائزري تي مڪمل عمل ڪيو ويو.

ميرپور خاص جيل منتقل ڪيل قيدين جي اسڪريننگ به ڪئي وئي. جڏهن ته قيدين جي گاڏي ۾ اسپري پڻ ڪيو ويو. قيدين کي سينٽلائزر، ماسڪ سميت گلووز پڻ ڏنا ويا.

جڏهن ته مليل معلومات موجب گنجائش کان وڌيڪ قيدي هئڻ سبب قيدين کي ڪورونا کان بچائڻ لاءِ قيدين کي ٻين جيلن ۾ منتقل ڪيو پيو وڃي. جيل سپرنٽينڊنٽ اشفاق ڪلوڙ ٻڌايو آهي ته آءِ جي جيل جي حڪم تي قيدين کي ٻين جيلن ۾ منتقل ڪيو ويو آهي. جڏهن ته باقي قيدين جي صحت، حفاظت لاءِ خاص قدم کنيا ويا آهن.