ٽنڊوڄام ۽ ان پسگردائي ۾ سحري جي وقت گيس جي بندش، روزيدار عذاب ۾ مبتلا

news

ٽنڊوڄام: ٽنڊوڄام ۾ سحري جي وقت گيس جي بندش. روزيدار عذاب ۾.

خبر موجب سئي سدرن گيس ڪمپني سب زون ٽنڊوڄام ۾ گيس جي اڻ اعلانيه لوڊ شيڊنگ جاري آهي.

خاص طور تي رمضان المبارڪ دوران سحري جي وقت ٽنڊوڄام جي پسگردائي وارن علائقن ۽ يوسي سانوڻ خان گوپانگ، يوسي ٽنڊو قيصر ۽ يوسي موسى کٽياڻ جي ڳوٺن ۾ گيس جي بندش سبب روزيدار سخت عذاب جو شڪار آهن ۽ سحري جي وقت رڌ پچاءُ ۾ سخت ڏکيائون پيش اچي رهيون آهن.

ڳوٺ سانوڻ خان گوپانگ، ڳوٺ اسماعيل لاکو، ڳوٺ حيدر شاهه، ڳوٺ صالح مڪراني ۽ ٻين ڳوٺن جي رهواسين دانهيندي چيو آهي ته هونئن ته گيس جي لوڊشيڊنگ ۽ گيس جو گهٽ پريشر روز جو معمول بڻيل آهي پر رمضان جي ڀلاري مهيني ۾ سحري جي وقت گيس بلڪل غائب ٿي وڃي ٿي، جنهن سبب رڌ پچاءُ ئي ممڪن نٿو رهي ۽ روزيدارن لاءِ روزو رکڻ مشڪل بڻجيو وڃي.

هنن گهر ڪئي آهي ته ٽنڊوڄام ۽ آسپاس جي ڳوٺن ۾ گيس جي لوڊ شيڊنگ خاص طور تي سحري جي وقت گيس جي بندش جو خاتمو آندو وڃي ۽ ملوث عملدارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.