سڪرنڊ واسي فوجي جوان بارڊر تي شھيد، فوجي اعزاز سان دفنايو ويو‎

news

سڪرنڊ: ڳوٺ نظر محمد انڙ جو نوجوان فوجي جوان 25 سالا وسيم احمد ولد محمد ملوڪ انڙ سيالڪوٽ بارڊر وٽ دشمن ملڪ سان مقابلو ڪندي دشمن جي فائرنگ ۾ شھيد ٿي ويو.

جنھن جي جنازي نماز راولپنڊي جي جي ايڇ ڪيو ۾ ادا ڪرڻ بعد سندس مڙهه سندس اباڻي ڳوٺ پھچايو ويو، جتي کيس فوجي اعزاز سان مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو، سندس تڏو ڳوٺ نظر محمد عرف ڀٽائي انڙ ۾ وڇايو ويو آهي.

شهيد ٿيندڙ وسيم احمد انڙ 2016 ۾ آرمي ۾ شامل ٿيو سندس تعلق يونٽ 28سنڌ سان هو، شھيد فوجي شادي شده هو، هڪ 4 سالا پٽ پڻ اٿس، کيس فوج ۾ چار سال  ٿيا هئا هو  شھيد وسيم احمد انڙ جي شهادت بعد سندس والد ڳالھائيندي چيو ته اسان جي گهر جو ڀاتي جو وڇوڙو ڏکوئيندڙ آھي پر ان سان گڏ هن ملڪ جي حفاظت خاطر شهادت ماڻي جنهن تي اسان کي فخر آھي.

جڏهن ته سندس تدفين اباڻي قبرستان سخي شير شاهه ۾ فوجي عزاز سان گارڊ آف آرنر سان دفنايو ويو.