داد لغاري ۾ رمضان ايندي ئي منافعي خور واپارين سبزين توڙي فروٽن جا من پسند اگھ مقرر ڪري ڇڏيا

news

داد لغاري (رپورٽ: اياز احمد پتافي) داد لغاري ۾ رمضان ايندئي منافعي خور واپارين سبزين توڙي فروٽن جا من پسند اگھ مقرر ڪري ڇڏيا آھن جڏھن تہ انتظاميہ جي نااھلي سبب دوڪانن تان ريٽ لسٽون پڻ غائب آھن. جڏهن ته منافعي خور پنھنجا ھٿرادو اگھ مقرري ڪري عوام کي ڦرڻ لڳا آھن.

جڏھن تہ سبزين ۾ توري 30 کان 40 رپيا في ڪلو، ڪدو 30 کان 40 رپيا،  ٽماٽر 40 کان 50 رپيا، بصر 40 کان 50 رپيا، وانگڻ 20 کان 30 رپيا، ڀينڊي 70 کان 80 رپيا پٽاٽا 40 ،ڪريلا 40 کان 50 رپيا، پاٻي 40 کان 50 رپيا، ونگو 40 کان 50 رپيا، کيرا 30 کان 40 رپيا،جڏھن تہ بند گوبي 30 کان 40 رپيا ڪلو وڪرو ٿيڻ لڳي آھي فروٽن م صوف گولڊن 260 کان 280، ھنداڻا 40 کان 50,  سردا 60 کان 70، کجور 350 کان 400، ليما 350 کان 400 جڏھن تہ چيڪو 120 کان 150 رپيا في ڪلو وڪرو ٿيڻ لڳو آھي.

فروٽ ۽ سبزي مھانگا ھجڻ ڪري روزيدار توڙي عام عوام جي قوت خريد کان بہ ٻاھر آھن جنھن سبب عوام سخت پريشان آھي جڏھن تہ ريٽ لسٽون نہ ھجڻ ڪري دوڪاندارن سبزي توڙي فروٽن تي پنھنجا ھٿرادو اگھ مقرر ڪري عوام کي ڦرڻ لڳا آھن.

شھرين پاران ڊي سي گھوٽڪي ۽ مختيارڪار ڏھرڪي کان مطالبو ڪندي گھر ڪئي آھي تہ منافعي خورن خلاف ڪارروائي ڪري ريٽ لسٽن جي موجودگي کي يقيني بڻايو وڃي ته جيئن منافعي خورن ھٿان ڦرجڻ کان بچي سگھن.