نئون ڪوٽ ۾ بدامني چوٽ چڙهي وئي، شهري جي مسجد ٻاهران موٽرسائيڪل چوري

news

نئون ڪوٽ: نئون ڪوٽ شهر ۾ پوليس جي لاپرواهي سبب بدامني ۽ چورين ۾ تيزي اچي وئي هڪ هفتي ۾ موٽرسائيڪل چورين جون ٽي وارداتون پوليس خاموش تماشائي بڻيل.

ڪجھ ڏينھن اڳ  نئون ڪوٽ جي عنايت ڪالوني مان عبداللطيف احمداڻي جي گهر اڳيان بيٺل موٽر سائيڪل نامعلوم چور تالو ٽوڙي چوري ڪري فرار ٿي ويو جڏھن تہ گذريل رات  نئون ڪوٽ جي ديھ سامروٽي مان اعجاز جٽ ۽ پبلڪ پارڪ ڀرسان مسجد ۾ نماز پڙھڻ لاء ويل  ماستر الھجڙيو ڪنڀار جي مسجد ٻاهران بيٺل موٽرسائيڪل نامعلوم چور ڪاهي فرار ٿي ويا.

ڏينهون ڏينهن وڌندڙ چورين خلاف  نئون ڪوٽ پوليس  ڪاروائي ڪرڻ بجاء ٿاڻي تي چوري ٿيل موٽرسائيڪل واپس ڪرڻ لا راڄوڻي ڪرڻ ۾ رڌل آهن.

ان سلسلي ۾ ايس ايڇ او نئون ڪوٽ ٻڌايو تہ اسان پنهنجي حساب سان جاچ ڪري رهيا آھيون، جيئن جلد ڦر ٿيل موٽرسائيڪل واپس ڪرائي سگهون.