ڪراچي جي ضلعي اوڀر ۾ کاڌي پيتي جي شين جا اگهه چوٽ چڙهيل، عام ماڻهو خريداري کان قاصر

news

ڪراچي: ڪراچي جي ضلعي اوڀر ۾ عام واھپي جي شين مڱن جي دال، چڻن جي دال، چڻا، کاڄري تيل، کنڊ، ميوات ۾ ڪيلي، کجي، صوف ، چڪون، ھنداڻي، گدري جا اگھه چوٽ چڙهي ويا آهن.

ان کانسواءِ سايون ڀاڄيون به خريداري کان ٻاهر ٿي ويون. ضلعي انتظاميہ جي لاپرواھي سبب واپارين کاڌي پيتي جي شين ۾ ھٿرادو مھانگائي ڪري ڇڏي، ڪنھن بہ ريڙھي، دڪانن، سبزي ۽ مرغي وارن وٽ ڪمشنر ڪراچي جي ريٽ لسٽون موجود ئي ناھن.

افطاري جو اهم جز کجي 600 رپيا ڪلو ٿي وئي، ڪيلا 100 رپيا درزن ٿي ويا، هنداڻو 40 کان 80 رپيا ڪلو، صوف 3 سئو رپيا ٿي ويا.

زيتون سئو رپيا، چڪو 120 رپيا ڪلو وڪامڻ لڳا، ڀاڄين جي اگهه ۾ به 30 کان 40 سيڪڙو تائين واڌ، ادرڪ 4 سو، ٿوم 3 سو، گوار 2 سو، ميها سو رپيا ڪلو وڪامڻ لڳا آهن.

جڏهن ته فرورٽ چاٽ، سموسا، پڪوڙا به غريب جي کائڻ کان چڙهي ويا آهن، ننڍو گوشت، وڏو گوشت، مرغي جي اگھه ۾ ٻيڻ تي واڌ ٿي وئي آهي، اهڙي طرح سبزين جي اگهن ۾ دڪاندارن پاران پاڻمرادو 30 سيڪڙو واڌ ڪري ڇڏي آهي.

اگهن تي ضابطو آڻڻ لاءِ ضلعي اوڀر انتظاميا پاران ڪو به تحرڪ نه ورتو ويو آهي۔ جڏھن تہ شھرين گڏاپ نيشنل پريس ڪلب جي صحافين سان ڳالھائيندي چيو تہ پوري پاڪستان ۾ ڪورونا وائرس سبب لاڪ ڊائون لڳو پيو آھي ھڪ مھيني کان بي روزگار ويٺا آهيون.

لاڪ ڊائون جي ڪري اڳ ئي پنڻ تي اچي ويا آھيون، ھن ڀلاري مهيني ۾ به منافي خورن زندگيءَ جا رستا سوڙها ڪري ڇڏيا آهن. انتظاميا مهانگائي تي ڪنٽرول لاءِ تحرڪ وٺي.

ٻئي طرف دڪاندارن ٻڌايو تہ اسان کي منڊي ۾ مال مھانگو ملي ٿو، ڊپٽي ڪمشنر کي گھرجي تہ ھو روزانو منڊي ۾ ريٽ لسٽ چيڪ ڪري ۽ روزانو جي بنياد تي ريٽ لسٽ ڏني وڃي.

علائقي واسين حڪومت سنڌ، ڪمشنر ڪراچي کان مطالبو ڪيو آھي تہ رمضان شريف جي ڀلاري مھيني ۾ مھانگائي جي جن کي جلد کان جلد قابو ڪري شھرين کي سستي اگھ تي عام واھپي جون شيون فراھم ڪيون وڃن.