ڀارت ۾ ڪورونا جي پکيڙ روڪڻ لاءِ شهرن جي وچ ۾ ڀت تعمير ڪرڻ جو فيصلو

news

نئين دهلي: (اڱارو 28 اپريل 2020ع) ڀارتي رياست تامل ناڊو ۾ ڪورونا جي پکيڙ کي روڪن جي لاءِ پاڙيسري رياست آندهرا پرديش سان لاڳاپيل سرحد تي 7 فٽ ڊگهي ڀت تعمير ڪئي وئي آهي.

ضلعي ويلور جي عهديدار موجب مذڪوره قدم جو مقصد پرڏيهه مان ايندڙ مزدورن جي داخلا جي جانچ پڙتال ڪرڻ آهي جيڪي اجازت ملڻ کان سواءِ ئي رياست ۾ داخل ٿي ويندا آهن.

ڀت رياست ڏانهن ٻن اچڻ ۽ وڃن وارن رستن تي تعمير ڪئي وئي آهي ۽ ان جو مقصد گاڏين جي اچ وڃ کي ڪنٽرول ڪرڻ به آهي. مرڪزي حڪومت ۽ رياستي حڪومتن پهريان ئي هنگامي صورتحال جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي ۽ غير ضروري اچ وڃ تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي.

اختيارين جو چوڻ آهي ته تامل ناڊو جي سرحد تي ڀت تعمير ڪرڻ جو مقصد ڪورونا وائرس جي وڌيڪ پکيڙ کي روڪڻ آهي تامل ناڊو ۾ ڪورونا جا 1885 ۽ آندهرا پرديش ۾ 1097 ڪيس رپورٽ ٿي چڪا آهن.